سومر فقير هنڱورو

سومر فقير هنڱورو: سومر فقير هنڱورو پنهنجي دور جو سالڪ، باڪمال درويش ۽ سخي مرد ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1310هه/ 1892ع ڌاري ڳوٺ محمود هنڱوري لڳ سعيدآباد، ضلعي حيدرآباد (موجوده مٽياريءَ) ۾ محمد موسيٰ هنڱوري جي گهر ۾ ٿيو، بعد ۾ لڏي اچي شهدادپور ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ويٺو. اهو ڳوٺ سندس نالي سان اڄ به مشهور آهي. سومر فقير درويش صفت انسان هو. ننڍي هوندي کان ئي سندس روشن دماغ ۾ حصول علم جا واضح آثار موجود هئا، جڏهن سمجهه لائق ٿيو ته سندس طبيعت جو لاڙو فقيريءَ ڏانهن ٿيو ۽ شاهه مردان شاهه ’اول‘ ڪوٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي بيعت وٺي سندس مريد بڻيو. فقير سومر اعليٰ خوبين وارو آدرشي انسان، پرهيزگار ۽ شريف ۽ نيڪ شخص هو. سندس سخاوت پري پري تائين مشهور هئي. سندس غريب خاني تي لنگر هر وقت هلندو رهندو هو. سندس سخاوت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. انسانيت، سخاوت، ڪرامت ۽ عبادت جا سڀئي گڻ منجهس موجود هئا.
سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375هه/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.


لفظ سومر فقير هنڱوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.20  عيسوي

سومر فقير هنڱوري، 5 جمادي الاول 1375هه/ 20 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد ببر علي
جعفر خواجو
پير حسن ڪبير الدين رح
ڄام جمالي
شيخ محمد سرفراز ٺٽوي
حسن مشتاق انڍڙ
انيل دلپت
خيرو درس
دسرت راجا
شير موٽواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون